ڇوٽا ڪپوٽا دڙو

ڇوٽا ڪپوٽا دڙو (Chhota Kapota): چوٿين سهسر جي ٻيءَ کان ٽين چوٿائي جو هي ماڳ قلات شهر جي ڏکڻ- اوڀر ۾ 12 ميلن جي فاصلي تي، 28, 51 اتر ۽ 66,36 ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪن تي، جهالاوان ۾ هيءُ ماڳ نقشي تي کُڏي رحمان (Khuddi) جي نالي سان مشهور آهي، پر مقامي طور هن کي ‘ڇوٽا ڪپوٽا’ سڏين ٿا. ظاهري طرح اهو ڪو دڙو نه آهي، پر رستي تي پٿر جي اوزارن جا ٽڪرا ۽ ٺڪراٺو پکڙيل ملي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته هتي ڪنهن اوائلي دور جي ڪا بستي هئي. 1945ع ۾ جڏهن هن ماڳ جي سروي ٿي ته هتي ڇهه ست گهر هئا، پر پوءِ اهي لاڙڪاڻي لڏي هليا ويا. مليل ٺڪراٺيءَ ۾ ڪلي گل محمد، تاگو C، ۽ زري نموني جو ٺڪر شامل آهي، اهو ٺڪراٺو انجيرا جي ٽئين دور سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ڪوئيٽا ۽ نال ٺڪراٺو به مليو آهي، پر سيد موريز واري ماڳ تان مليل ٺڪرُ، جيڪو سنهو هو ۽ مٿس هلڪي خاڪي رنگ جا ڌاءَ هئا، ۽ پڻ ڄاريدار ليڪن وارو هو، سو هتي به ملي ٿو. هيءُ ماڳ ڀانئجي ٿو ته چوٿين سهسر جي ٻي ۽ ٽين چوٿائيءَ ڌاري انساني رهائش طور استعمال ٿيو هوندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو